آصف جيلاني

آصف جيلاني

آصف جيلاني

آصف جيلاني: BBC لنڊن جي اردو نشريات جو مشھور صحافي، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر آصف جيلاني 1934ع ڌاري مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي گهر عليڳڙهه (گڏيل هندستان) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سنڌي ٻوليءَ جي مشھور رسالي ‘نئين زندگي ’ جو ايڊيٽر ۽ پني عاقل جو انڍڙ هو. آصف جا ناناڻا عليڳڙهه جا هئا ۽ سندس والد جي شادي ۽ تعليمي سلسلو به عليڳڙهه سان ئي جڙيل رهيو.
آصف پنھنجي ابتدائي تعليم ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي وائس چانسلري واري دؤر ۾، جامعه مليه اسلاميه دهليءَ مان حاصل ڪئي. 1948ع ۾ پنھنجي خاندان سان گڏ هجرت ڪري ڪراچيءَ ۾ آيو. سنڌ مدرسي ۽ مسلم ڪاليج مان پڙهڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي (ڪراچي) جي معاشيات واري شعبي مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي.
هن صحافت جي شروعات 1952ع ۾ روزاني ’امروز‘ کان ڪئي، جنھن کان پوءِ روزاني ’جنگ‘ ۽ هفتيوار ’ليل و نھار‘ جو ڪراچيءَ ۾ نمائندو ٿي رهيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ’بچون ڪا اخبار‘ ۽ ٻين ڪيترن ئي پروگرامن ۾ حصو ورتو. 1973ع ۾، روزاني ’جنگ‘ جڏهن لنڊن مان شايع ٿيڻ لڳي ته کيس اُتي جو نيوز ايڊيٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 1959ع ۾ ’جنگاخبار جي نمائندي طور دهلي ويو، جتي 1965ع جي جنگ شروع ٿيڻ شرط کيس گرفتار ڪري ’تِھاڙ‘ جيل موڪليو ويو. 1983ع ۾ جنگ اخبار کي الوداع ڪرڻ کان پوءِ BBC لنڊن جي اردو سروس ۾، حالاتِ حاضره جي سينئر پروڊيوسر جي حيثيت سان وابسته رهيو. هن جون ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ سلسليوار تحريرون شايع ٿيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘وسط ايشيا: ’نئي آزادي نئي چئلينج‘ (جامعه مليه جي يادگيرين تي مشتمل)، ’گائون گائون بدلتي دنيا‘ ۽ ’ساگر سي لال و گوهر‘ (مضمون ۽ ڪالم) شامل آهن. BBC اردوءَ سان طويل وابستگي سبب مقبول پروگرام ’سيربين‘سندس سڃاڻپ بڻيو. ٻن سالن تائين، ڪئنسر جي مرض ۾ مبتلا رهڻ کان پوءِ 05 اپريل 2023ع تي 89 سالن جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ وفات ڪئي ۽ اُتي ئي دفن ٿيو. سندس گهر واري محسنه جيلاني اردوءَ جي هڪ سٺي شاعره ۽ BBC اردو جي عورتن واري پروگرام ’برگِ گل‘ سان وابسته رهي آهي. سندس ڌي مريم عربي ٽي.ويMBC جي پروڊيوسر ۽ هاڻي هڪ ٽيچر طور ڪم ڪري رهي آهي. جڏهن ته سندس پٽ عبيد جيلاني، لنڊن مان شايع ٿيندڙ روزاني ’آواز‘ فنانشل ٽائمز ۽ ’لنڊن ايوننگ اسٽئنڊرڊ‘ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس ٻيو پٽ جنيد، ’مسلم ايڊ آڪسفورڊ‘ ۽ ورلڊ ائننيمل پروٽيڪشن لنڊن جو پريس آفيسر ٿي رهيو آهي.


لفظ آصف جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو